تلي 3

تَلِي3: سڪرنڊ شهر کان ڏکڻ طرف مشهور ڳوٺ، جيڪو زرعي انسٽيٽيوٽ سڪرنڊ ڀرسان پئي ٻيلي ويجهو آهي، هن ڳوٺ ۾ ڪيريا، ملاح ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون، هن ڳوٺ ڪيترا اديب پيدا ڪيا، جن ۾ ولڻ ملاح، سونو ملاح، ملهار ڪيريو، پيراڻو ملاح‎ ۽ ماڻڪ ملاح شامل آهن. ماڻڪ ملاح نوجوان شاعر ۽ صحافي آهي، سندس ڪيترا ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، سونو، پيراڻو ۽ ولڻ ملاح گذاري ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو